اننيا پانڊي، آريان لاءِ ڪهڙو بندوبست ڪيو؟ چيٽ ليڪ  

نارڪوٽڪس ڪنٽرول بيورو (اين سي بي ) دعويٰ ڪئي آهي ته بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي آريان خان لاءِ منشيات جو بندوبست ڪرڻ تي راضي هئي.

پرڏيهي ميڊيا موجب ممبئي ڪروز شپ منشيات ڪيس ۾ بالي ووڊ اداڪارا اننيا پانڊي کي گذريل ڏينهن پڇا ڳاڇا لاءِ اين سي بي آفيس طلب ڪيو ويو هو جتي کانئس ٽن ڪلاڪن تائين پڇا ڳاڇا ڪئي وئي.

اداڪار ا کان پڇا ڳاڇا ۽ آريان خلاف ڪيل جاچ ۾ اين سي بي آفيسرن اننيا سان آريان جي ٿيل واٽس ايپ چيٽ تي ڳالهه ٿي.

ڀارتي ميڊيا موجب اين سي بي دعويٰ ڪئي آهي ته آريان ۽ اننيا واٽس ايپ چيٽ ۾ چرس جي بندوبست تي ڳالهائي رهيا هئا ۽ چيٽ سان انڪشاف ٿيو آهي ته آريان اننيا کان پڇا ڪئي هئي ته ڇا چرس جو انتظام ٿي سگھي ٿو؟ ان تي اننيا رضامندي جو اظهار ڪندي ٻڌايو هو ته هو انتظام ڪندي.

ڀارتي ميڊيا موجب پڇا ڳاڇا دوران اها ئي ڳالهه اين سي بي آفيسرن اننيا کان پڇي ته اداڪارا جو چوڻ هو ته هو مذاق ڪري رهي هئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.