کنڀين سان وڏو مسئلو حل!

آمريڪي طبي ماهرن دريافت ڪيو آهي ته جيڪي ماڻهو روزانو رڳو 4.9 گرام کُنڀي (مشروم)کائيندا آهن، اهي ڊپريشن کان به محفوظ رهندا آهن.

پينسلوانيا اسٽيٽ يونيورسٽي جي ماهرن جي اها ئي َ ٽيم اڳ ۾ به اهو دريافت ڪري چڪي آهي ته کُنڀي کائڻ سان ڪينسر جو خطرو گھٽجي ٿو.

کُنڀيون کائڻ سان ڊپريشن کان بچاءَ بابت به ڪجهه شاهديون ملي چڪيون هيون پر ان جي تصديق نه ٿي هئي.

اهو ڄاڻڻ لاءِ ماهرن هڪ ٻيو مطالعو ڪيو جنهن ۾ 24،699 آمريڪي شريڪ هئا، مطالعي ۾ شريڪ ماڻهن کان سندن کائڻ پيئڻ جي عادتن ۽ بيمارين بابت سوال ڪيا ويا.

کائڻ کُنڀين جو استعمال ۽ ڊپريشن وچ ۾ واسطي کي نظر ۾ رکندي جڏهن هنن جي ڄاڻ جو جائزو ورتو ويو ته خبر پئي ته جيڪي ماڻهو روزانو عذا ۾ کنڀيون استعمال نه ڪندا هئا يا ان جي معمولي مقدر پنهنجي غذا ۾ شامل ڪندا هئا، انهن ۾ ڊپريشن جي شڪايت تقريبن هڪ جهڙي هئي.

پر سراسري طور 4.9 گرام کنڀي روزانو استعمال ڪندڙن ۾ ڊپريشن جي شڪايت گھڻي گھٽ هئي.

سائنسدانن کي اميد هئي ته روزانو استعمال ۾ کنڀين جو مقدار  وڌڻ سان گڏوگڏ ڊپريشنجي واقعن ۾ به گھٽتائي ايندي پر ائين نه ٿيو.

ان جي ابتڙ، هنن کي خبر پئي ته روزانو وڌيڪ مقدار ۾ کنڀيون کائيندڙن ۾ ڊپريشن جي ڪيفيت ائين ئي هئي جيئن کنڀيون استعمال نه ڪندڙن ۾ ڏٺي وئي  هئي.

جيتوڻيڪ اها دريافت حيران ڪندڙ ۽ اميد جي خلاف آهي پر ماهرن جو چوڻ آهي ته ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته روزانو غذا ۾ کنڀين جو وڌيڪ مقدار به فائديمند نه آهي پر هڪ مخصوص مقدار ئي ڊپريشن جي خلاف اسان کي فائدو پهچائي ٿو.

ان تحقيق جا تفصيل ”جرنل آف ايفيڪٽوڊس آرڊرز“ جي تازي پڌرائي ۾ آن لائين ڇپيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.