انساني جسم ۾ جانور جي عضون جي پيوندڪاري جو پهريون ڪامياب تجربو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) انساني جسم ۾ جانور جي عضون جي پهرين ڪامياب پيوندڪاري کان پوءِ ان خيال کي وڌيڪ هٿي حاصل ٿي آهي ته مستقبل ۾ انسانن کي جانورن جا عضوا لڳائڻ ممڪن هوندو.

آمريڪي اخبار نيويارڪ ٽائيمز ۽ سي بي ايس نيوز موجب انساني جسم ۾ پهريون ڀيرو ڪاميابي سان سور جي گڙدي جي پيوندڪاري ڪئي وئي آهي. ڪامياب تجربو ڪندڙ ٽيم جي اڳواني ڊاڪٽر رابرٽ منٽگمري ڪئي آهي.

آمريڪا ۾ پهريون ڀيرو انساني جسم ۾ سور جو گڙدو ٽرانسپلانٽ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي جنهن کان پوءِ ماهرن جو خيال آهي ته هاڻ ٻين جانورن جا عضوا به انسانن ۾ لڳائڻ ممڪن ٿي سگھندو.

نيويارڪ يونيورسٽي لنگون ۾ ٿيل ان غير معمولي آپريشن ڪندڙ ٽيم جي سربراهه ڊاڪٽر رابرٽ منٽگمري جو چوڻ آهي ته جانور جي گڙدي کي انساني جسم قبول ڪري ورتو آهي ۽ دفاعي نظام مزاحمت به نه ڪئي آهي.

هن دعويٰ ڪئي ته جنهن مريض کي جانور جو گڙدو لڳايو ويو آهي ان قدرتي طور تي پيشابه ڪيو آهي جيڪا ڪاميابي جي واضح علامت آهي.

جينياتي انجينيئرنگ سان تيار ڪيل سور جي گڙدي کي هڪ دماغي لحاظ سان مئل قرار ڏنل مريض ۾ ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو آهي.

گڙدي ۾ جينياتي تبديليون ان ڪري ڪيون ويون ته جيئن انساني جسم گڙدي کي فوري طور تي رد نه ڪري.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.