لاڙڪاڻو اسٽيٽ لاءِ 1.36 بلين رپين جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته 1.36 بلين رپيا لاڙڪاڻي جي اسٽيٽ جي ترقي لاءِ منظور ڪيا آهن.

اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سائيٽ لاڙڪاڻي کي گيس فراهم ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.

اجلاس دوران وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ 184 ايڪڙن تي ديهه سماڻو، لاڙڪاڻي جي باقراڻي تعلقي ۾ قائم ڪئي پئي وڃي.

توانائي واري وزير امتياز شيخ ٻڌايو ته گيس ڪنيڪشن لاءِ 32 ڪروڙ 60 لک رپيا وڏي وزير منظور ڪيا آهن.

صنعت واري وزير ڄام اڪرام الله بريفنگ ۾ چيو ته انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ 94 پلاٽ هوندا، ٻين سهولتن لاءِ 91.41 ايڪڙ ايراضي مختص ڪئي وئي آهي، انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ 90 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي.

امتياز شيخ ٻڌايو ته ريلوي ڪراسنگ سبب اين او سي حاصل ڪئي پئي وڃي ته جيئن لائين وڇائي وڃي.

مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته سمورا ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪيا وڃن، انڊسٽريل اسٽيٽ بڻائڻ سان لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ روزگار جا ذريعا وڌندا.

مراد علي شاهه جو اهو به چوڻ هو ته انڊسٽريل اسٽيٽ بڻائڻ سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي، انڊسٽريل اسٽيٽ تيار آهي ته سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن صنعتون لڳڻ شروع ٿين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.