پي ڊي ايم پاران ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو ويو

اپوزيشن اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) جي ڪال تي سڄي ملڪ ۾ مهانگائي خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.

ڪراچي، لاهور، پشاور سميت مختلف شهرن ۾ عوام روڊن تي نڪري آيو ۽ مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو.

لاهور

لاهور ۾ پي ڊي ايم مندر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي.

مظاهرين يوٽيلٽي بل ۽ مانيون کڻي احتجاج ڪيو جنهن کان پوءِ بل به ساڙيا.

ان موقعي تي احتجاج کي خطاب ڪندي سعد رفيق چيو ته پي ٽي آءِ خوشحال پاڪستان تباهه ڪري ڇڏيو.

ڪراچي

ڪراچي جي ايمپريس مارڪيٽ ۾ پي ڊي ايم احتجاجي جلسو ڪيو جنهن به شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي پي ڊي ايم جي مرڪزي اڳواڻ مولانا عبدالغفور حيدري چيو ته جمهوريت کي گھٽو ڏنو ويو آهي، ميڊيا تي پابندي لڳائي پئي وڃي ۽ ملڪ کي آءِ ايم ايف جي جهولي ۾ رکيو ويو آهي.

ان کان سواءِ قومي وطن پارٽي پشاور ۾ جلسو ڪيو ۽ مري ۾ ن ليگ جي تحت مظاهرو ڪيو جنهن عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي.

لاڙڪاڻي، سکر، جيڪب آباد، مهمند، زيارت، مينگورا سميت مختلف شهرن ۾ عوام روڊن تي نڪري آيو، احتجاج ڪندڙن مهانگائي ۽ حڪومت جي خلاف نعريبازي ڪئي ۽ ترت رليف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.