آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ ٽائيم فريم نٿو ڏئي سگھجي: ناڻي واري وزارت

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري جي ترجمان چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان ڳالهين جي حوالي سان ڪو به ٽائيم فريم نٿو ڏئي سگھجي.

آءِ ايم ايف جي ڪنٽري نمائيندي جو چوڻ آهي ته پاڪستان سان ڳالهيون جاري آهن، ڳالهين جي پڄاڻي لاءِ پاڪستان جي قدمن جو جائزو ورتو پيو وڃي.

آءِ ايم ايف عهديدارن جو چوڻ آهي ته ڳالهين لاءِ پاڪستان جي معاشي پاليسين ۽ سڌارن جو جائزو وٺي رهيا آهيون.

ٻي پاسي ناڻي واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي حوالي سان ڪو به فريم نٿو ڏئي سگھجي.

واضح رهي ته ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين ۽ اسٽيٽ بينڪ جي گورنر آمريڪا ۽ آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪيون هيون ۽ ان حوالي سان اسٽيٽ بينڪ جي گورنر جو چوڻ هو ته جلد آءِ ايم ايف سان ڳالهين جي حوالي سان خوشخبري ملندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.