نارو ۾ بااثرن جي زيادتي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

نارو (ن ع آ)  سوراه ٿاڻي جي حد  رهندڙ  نظاماڻي برادري جي ماڻهن صحبت نظاماڻي، بدرالدين نظاماڻي.ياسين نظاماڻي ۽ ٻين جي پريس ڪلب پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ، مظاهرين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته طهمور گوپانگ ۽ جمال الدين عرف جمعو گوپانگ هرسال فصل لهڻ جي مند ۾ عورتن کي ڍال بڻائي اسان جي کاتي جي زرعي زمين تي قبضي جي ڪوشش ڪري ڀتو وصول ڪن ٿا ڀتو نه ڏيڻ جي صورت ۾ اسان کي هارين کي تنگ ڪيو وڃي ٿو پوليس ساڻن ٻٽ بڻيل آهي، قانوني ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ راڄوڻي فيصلي جو مشورو ڏنو پيو وڃي، اسان  چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ،آءِ جي سنڌ،ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور کي اپيل ٿا ڪيون ته هن مسئلي جو نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.