وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جون دانهون

حيدرآباد(رپورٽر) فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي ڪئمپس ۾ ليڪچرار جي پوسٽن تي انٽرويو ڏيڻ کانپوءِ معاملو ڪورٽ ۾ وڃڻ تي متاثر اميدوارن چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته ڪيس کي جلد اڪلائي مستقبل بچايو وڃي. ان سلسلي ۾ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون نويد جوڻيجو، عابد علي، اياز خاصخيلي ۽ ٻين چيو ته هنن فيڊرل اردو يونيورسٽي ڪراچي ڪئمپس ۾ ليڪچرار جي پوسٽن تي جيڪي 2013ع، 2017ع ۾ آيون، جنهن ۾ سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ ۾ اپلاءِ ڪيو ۽ بعد ۾ 12 جون 2021ع ۾ ٽيسٽ ورتي وئي هئي، جنهن ۾ 45 اميدوارن پوري پاڪستان مان ٽيسٽ ڏني، صرف 4 اميدوارن ٽيسٽ پاس ڪئي، جڏهن ته 4 جولاءِ تي انهن اميدوارن کي انٽرويو لاءِ گهرايو ويو، سليڪشن بورڊ 2013ع ۾ ٽن اميدوارن کان انٽرويو ورتو ۽ سليڪشن بورڊ ۾ عابد علي، اياز خاصخيلي ۽ هڪ عورت اميدوار کان انٽرويو ورتو ويو، جڏهن ته سليڪش بورڊ 2017ع ۾ ھڪ اميدوار نويد علي کان انٽرويو ورتو، ان ۾  جيڪي سوال پڇا ويا اهي سبجيڪٽ سان لاڳاپيل هئا، جڏهن ته سندن سوالن جا جواب به مڪمل هئا، رزلٽ اچڻ جو وقت آيو ته فيل ٿيل اميدوارن هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته اها ٽيسٽ سليبس کان هٽي ڪري آئي آهي، جنهن تي عدالت ان معاملي تي اسٽي سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ جو آرڊر ڏنو آهي، جڏهن ته ان ڊپارٽمينٽ جي ڪراچي ڪئمپس ۾ 5 سيٽون خالي آهن.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.