خبردار! هي5 علامتون عام نه، خطرناڪ بيماريون ثابت ٿي سگهن ٿيون

اڄ اسان توهان کي ڪجهه اهڙيون نشانيون ٻڌائينداسين جيڪي مختلف بيمارين ۾ جي صورت ۾ سامهون اچي سگهن ٿيون.

اهي 5 علامتون سامهون اچڻ تي فوري طور جگر جي ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي ٻئي صورت ۾ اهو خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿو.

اکيون جي ڦِڪاڻ

گهڻي قدر ڪنهن دوا جي ڪري به اکين يا جسم جو رنگ ڦڪو ٿي ويندو آهي پر جيڪڏهن ظاهري طور تي ڪو اهڙو سبب ناهي ۽ توهان جو سبب يا اکيون ڦڪيون رهن ٿيون ته اهو خطرنڪا بيماري ڪامڻ جو سبب ٿي سگهي ٿو.

پيشاب ۾ ڪاراڻ وارو رنگ

گهڻو پاڻي پيئڻ جي باوجود ڪاراڻ يا گهڻو ڦِڪو پيشاب اچي، ڳاڙهي رنگ جو پيشاب اچي ته ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته توهان جي جگر کي ڪنهن قسم جي خرابي آهي ۽ فوري طور تي ڪنهن ماهر ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو.

بخار رهڻ

جگر رت کي صاف ناهي ڪري سگهندو جنهن جي ڪري جسم جو گرمي پد وڌي ويندو آهي ۽ هر وقت بخار رهڻ لڳندو آهي.

خشڪي ۽ خارش

رت ۾ بيڪار ۽ زهريلي مادن جي وڌڻ جي ڪري چمڙي تي خشڪي ۽ خارش شروع ٿي ويندي آهي انکانسواءِ چمڙي ايتري ته حساس ٿي ويندي آهي جو ننڍي کان ننڍو زخم به وڏي عرصي تائين رهندو آهي ۽ تڪليف ڏيندو آهي.

وزن ۾ اوچتي گهٽائي

بنا ڪنهن ڊائيٽ پلان يا ورزش جي اوچتو وزن ۾ گهٽتائي به جگر جي خرابي جي نشانين مان هڪ آهي.

اِهي اُهي عام علامتون آهن جيڪي جگر جي بيمارين ۾ ظاهر ٿي سگهن ٿيون پر جگر جي ڪا به بيماري معمولي نوعيت جي ناهي هوندي تنهنڪري جيڪڏهن اهڙو مسئلو سمجهه ۾ اچي ته جلدي ڪنهن ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.