سنڌ ۾ ڪورونا صورتحال بابت وڏي وزير جو بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت بيان ۾ چيو آهي ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 12 هزار 511 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 275 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

هن چيو ته ڪورونا سبب هڪ مريض فوت ٿيو جنهن کان پوءِ ڪورونا سبب ٿيل فوتگين جو گڏيل انگ 7 هزار 534 ٿي ويو، جڏهن ته اڄ وڌيڪ 183 مريض صحتياب ٿيا آهن، جنهن پوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيلن جو گڏيل انگ 4 لک 46 هزار 718 ٿي ويو آهي.

سنڌ جي وڏي وزير ٻڌايو ته صوبي ۾ 62 لک 57 هزار 216 ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ هيل تائين 4 لک 65 هزار 500 ڪيس سامهون آيا ۽ هن وقت 11 هزار 248 مريض علاج هيٺ آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.