اکين مان پاڻي وهڻ جا سبب ڪهڙا آهن؟

اکين مان پاڻي وهڻ ڪا عام ڳالهه ناهي، جنهن جا ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، ماهرن ان حوالي سان اهڙو انڪشاف ڪيو آهي جو توهان ڪڏهن به ان ڳالهه کي هلڪو نه وٺندئو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته اکين مان پاڻي وهڻ سان ڪا الرجي يا انفيڪشن، ڳوڙهن واري ٽيوب جو بند ٿي وڃڻ، بند ٿيڻ کانپوءِ اک جي تاري جو ڦري وڃڻ يا اندرين پاسي مُڙي وڃڻ وغيره شامل آهن.

انکانسواءِ ”ڊراءِ آءِ سينڊروم“ نالي بيماري به اکين مان پاڻي وهڻ جو سبب بڻبي آهي.

ٻارن جي اکين مان پاڻي انڪري به وهندو آهي ڇو ته ان وقت تائين انهن جو ڳوڙهن وارو ٽيون يا نلڪي اڃا سوڙهي هوندي آهي جڏهن اهي هڪ سال جي عمر تائين پهچندا آهن ته انهن جو اهو مسئلو پاڻمرادو ختم ٿي ويندو آهي.

ماهرن موجب جيڪڏهن توهان جو اکيون خشڪ آهن يا انهن ۾ ڪو انفيڪشن آهي تو ان جي لاءِ آءِ ڊراپس بهترين ثابت ٿي سگهن ٿا.

جڏهن ته الرجي جي صورت ۾ ڪجهه دوائون وٺڻ ضروري آهي جيڪڏهن توهان جي اک ۾ ڪا شيءِ پئجي وئي آهي تڏهن به توهان کي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گهرجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.