سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جشن آمد رسول ﷺ جي سلسلي ۾ ريليون، جلسا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جشن آمد رسول ﷺ جي سلسلي ۾ ريلين ، جلسن ۽ جلوسن جو سلسلو جاري رهيو ، کپرو ۾ نور مصطفيٰ مسجد کان سوين عاشقان رسولن پاران عيدميلادالنبي ﷺ  جي موقعي تي جلوس ڪڍيو ويو، جلوس جي اڳواڻي مفتي احمد علي سڪندري محمد شريف قادري محمد يوسف عطاري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جلوس پنهنجي روايتي رستن کان ٿيندو شهيد رمضان چوڪ پهتو جتي مرحبا يا مصطفيٰ جي نعرن سان کپري جو سمورو چوڪ جهومي پيو ، جلوس شاهي بازار کان ٿيندو شهيد چوڪ تي پهتو ته ننڍن وڏن علائقن کان آيل ريليون مرڪزي جلوس ۾ شامل ٿيون، کهڙا ۾ به عيد ميلادالنبي وڏي جوش جذبي مذھبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو ، جشن آمد رسول جون ٻه الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون. عاشقان رسول پاران هڪ ريلي ميان رازق ڏني اڄڻ. ريحان قادري. مخدوم شفيق هاشمي. ميان محمد علي اڄڻ جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي ، ٻي ريلي درگاه مخدوم شھيد عبدالرحمان هاشمي جي سجاده نشين مخدوم نديم هاشمي. مولانا عبدالحفيظ کهڙي جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي. راڄوخاناڻي۾ جشن عيد ميلاد النبي صلي الله عليه وسلم جو مرڪزي جلوس شريف ڀرڳڙي، مولوي نثار حافظ رمضان آرائين علام نبي عمران ملاح شمس الدين جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ حيدر ڀرڳڙي کان سوين موٽرسائيڪلن ۽ ٻين ننڍين وڏين گاڏين جي صورت ۾ نڪتو جيڪو راڄو خاناڻي پهتو جتي شهر جا ننڍا وڏا جلوس شامل ٿي ويا ، ريلي سڄي شهر جو گشت ڪندي راڄوخاناڻي ماتلي مين روڊ جي سطاني واھ پل تي پهچي ھڪ جلسي جي شڪل اختيار ڪري ورتي ، جتي سون جي انگ ۾ عاشقان رسول صلي الله عليه وسلم سرڪار جي آمد مرحبا، يا مصطفي جا نعرا هنيا ، جلسي کي مختلف عالمن خطاب ڪندي رسول الله صلي الله عليه السلام جي شان ۾ شاندار لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي، ۽  نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي سيرت پڻ بيان ڪئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.