سنڌ جي مختلف شهرن ۾جشن عيد ميلادالنبي ﷺ،ريليون،جلسا ۽ تقريبون

سڄي ملڪ وانگر سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به جشن عيد ميلادالنبي ﷺ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، مختلف شهرن ريليون ڪڍي، جلسا ۽ جلوس ۽ تقريبون ڪوٺائي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن سان پنهنجي محبت جو اظهار ڪيو ويو، قاضي احمد ۾ ٻنھي جهانن جي سردار حضرت محمدّ مصطفٰيﷺ جي يوم ولادت جي موقعي تي ميلاد مرڪزي ڪاميٽي پاران جامع رحمانيه مسجد مدرسہ شير محمد ڪالوني کان جشن عيدميلادالنبي ﷺجي عظيم و عاليشان ريلي ميلاد ڪاميٽي جي سربراھ امير جماعت حافظ عبدالرحمان ماڃوٺو سردار افتخار علي انڙ سيد آصف علي شاھ جيلاني رئيس ميان عمران علي انڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، مانجهند ۾ ڪائنات جي عظيم رهبر نبي ڪريم صلعم جي ولادت جي ڏھاڙي تي فتح مسجد کان شانداري ريلي ڪڍي وئي جيڪا شاهي بازار کان  روايتي رستن سان جامع مسجد وٽ پهتي ريلي ۾ لبيڪ يا رسول الله آقا جي آمد مرحبا جون صدائون بلند ڪيون ويون ريلي ۾ قرآن شريف جي تلاوت حمد ۽ نعت خواني ڪئي وئي، ڏهرڪي ۾ عظيم الشان ريلي درگاه عاليه ڀرچونڊي شريف کان ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي سجاده نشين ڀرچونڊي شريف پير عبدالخالق، اڳوڻي ايم اين اي ميان عبدالحق عرف ميان مٺو، پير ميان شمن پير ميان رضا رحيم ۽ ٻين ڪئي ريلي ۾ اٺن ،گهوڙن ،موٽر سائيڪلن ۽ چنگچي رڪشا تي سوار ماڻهن مرحبا يا مصطفي جا نعرا هڻندا رهيا،ڳڙھي ياسين ۾ جشن عيد ميلادالنبي ﷺ جي خوشي ۾ ميان سالم جان ھاشمي،مفتي خليل احمد ھاشمي،مولوي عبدالرحمٰن پنھور،غلام مصطفيٰ ٻرڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ کيرٿر ڪئنال پل تان ريلي ڪڍي وئي،ھالاڻي ۾ عظيم عليشان ريلي نوراني مسجد کان  ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي مولانا منور علي چانگ عبدالوھاب کوسو عطا گاڏھي ۽ ٻين ڪئي ، جمال شاھ ۾ بہ مختلف تنظيمن پاران نڪرندڙ ريلين جي اڳواڻي حاجي غلام مصطفيٰ مشوري، علي رضا چانڊيو، ملهار خان جوکيو، غلام علي عطاري ۽ ٻين ڪئي، کهڙا ۾ عظيم الشان سيرت النبي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ ناليوارن عالمن مولانا اسدالله کهڙي. مولانا عبدالله عباسي. مولانا سيد احمد شاه. مولانا محمد ارشد کهڙي ۽ ٻين خطاب ڪيو، باهو کوسو ڳوٺ عبدالغني کوسو کان مرڪزي ريلي ڪڍي سڄي شھر جو گشت ڪيو ويو، ريلي جي اڳواڻي ميرفاروق احمد کوسو مولانا نبي بخش ٽانوري ڊاڪٽر حبيب رحمان جکراني مولانا ابرهيم گڄيون مبارڪ بليدي ۽ ٻين ڪئي، شھدادڪوٽ ۾ جماعت اھل سنت جي  ڪارڪنن مشهور عالم دين مولانا رياض احمد  ۽ عطا الرسول صديقي جي اڳواڻي ۾ ميان غلام صديق جي درگاھ   کان ھڪ شاندار جشن رسول ريلي ڪڍي ويئي جيڪا مختلف گذرگاھن کان ٿيندي ڪوٽو موٽو چوڪ تي پھتي,جتي ڪارڪنن وڏي جوش جذبي سان” مرحبا مصطفىٰ مرحبا مصطفىٰ ” جا نعرا ھنيا، تنگواڻي ۾ جشن عيد ميلاد النبي ﷺ جا جلوس مختلف هنڌن مان نڪري مرڪزي جلوس ۾ پهتا، مرڪزي جلوس مولوي محمّد اڪرم لاشاري،شير محمّد کوسو،قاري عابد علي ميراڻي، لعل محمّد باجڪاڻي جي اڳواڻي ۾ نڪتو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ عاشقان رسول ﷺ شرڪت ڪئي، گمبٽ ۾ مختلف مذهبي جماعتن پاران پير پاڙي کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي جي اڳواڻي پير سيد شفقت شاه ۽ پير سيد طارق شاه جيلاني جي اڳواڻي ڪئي، ان موقعي تي ڪوٺايل جلسي کي خطاب ڪندي مذهبي اڳواڻن سيرت النبي صلي الله عليه وسلم تي روشني وڌي. ٽنڊوغلام حيدر ۾ اهلسنت جماعت اصلاح المسلمين طرفان جامع مسجد نورنگ پوٽا کان هڪ شاندار ريلي ڪڍي مصطفي يا مرحبا،مصطفي يا مرحبا جا نعرا بلند ڪيا ويا،اهلسنت تنظيم جي اڳواڻن محمد ورياھ،مولانا عبدالڪريم آلکاڻي،خليفه نوراحمد کٽي طاھري،ڊاڪٽر عبدالعزيز ورياھ ۽ ٻين ريلي جي اڳواڻي ڪئي، تلهار ۾ به آمد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي موقعي تي جشن عيد ميلادالنبي شاندار نموني سان ملھائي وئي، پوري شھر ۾ چراغان ڪيو ويو،مسجدن ۾ پوري رات تلاوت ڪلام جاري رھي،تلھار جي مک فاروق اعظم چوڪ کان اھلسنت جماعت جي اڳواڻن پاران شاندار ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي مولانا حافظ محمد سمون،مولانا عبدالقدوس جان خليلي،مولانا حافظ قربان جت ۽ ٻين آقا جو شان بيان ڪيو.بدين جي  مختلف علائقن مان ريليون ڪڍيون ويون ، مک ريلي حافظ محمد ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، جڏهن ته مختلف چوڪن تي سبيلن جو پڻ بندوبست ڪيو ويو،  گهوڙاٻاري ۾ به جماعت اهلسنت پاران سخي ڏاتار پير پٺو ڳاڙھو ۽ ٻين شهرن کان شاندار ريليون ڪڍيون ويون، ريلين جي اڳواڻي عبدالمجيد پنهور، ھاشم پنهور، سيد ڀورل شاهه بخاري، سيد انور شاهه ڀاڏائي غلام حيدر کٽي ۽ ٻين ڪئي، سوڀوديرو ۾ دعوت اسلامي جي حافظ حبيب الله۔ غوثيہ قاسميہ تنظيم جي حافظ گل حسن چنا۔ديدار اوٺي طرفان اٺن جي ريلي ڪڍي وئي، ان موقعي تي مختلف ھنڌن تي عرس مبارڪ ميلا دين لاء دعوت جو اهتمام ڪيو ويو ، ڪنڌڪوٽ جي مختلف علائقن مان 12 ربيع اول جشن آمد رسول ﷺ جون ريليون ڪڍيون ويون، مختلف ريليون لائبريري چوڪ نور مصطفيٰ مسجد وٽ گڏ ٿيون ، ريلين جي اڳواڻي مولوي يار محمد سھرياڻي ، مولوي سمش الدين سھرياڻي ،. مولوي مظھر علي سولنگي ۽ ٻين ڪئي، بوزدار وڏا ۾ قادري تحريڪ جماعت اهلسنت ۽ سني تحريڪ جي سوين ڪارڪنن پاران مدرسہ القادريا جيلانيا ڳوٺ درگاھ يوسف علي شاھ جيلاني کان سيد يوسف علي شاھ جيلاني سيد نورالدين علي شاھ جيلاني اطهر علي شاھ جيلاني جي شان ۾ ريلي ڪڍي وئي جيڪا روايتي رستن کان ٿيندي نوراني جامع مسجد بوزدار وڏا پهتي اتان ميلاد ڪاميٽي جي صدر امجد ٽانوري ۽ ٻين اڳواڻن استاد واحد بخش بوزدار غلام مصطفيٰ عرف (پپو) سومرو استاد سليم اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ڪنڊيارو شهر ۾ مرڪزي ريلي درگاهه الله آباد کان درگاهه لوڙهائي شريف جي گادي نشين پيرشهاب الدين لوڙھائي  ۽ علامه ساجد فاروقي جي اڳواڻي ۾ ڪڍي وئي، سڳيون شھر ۾ بہ اهل سنت والجماعت جي تنظيم فيضان مصطفي طرفان هڪ عظيم الشان ريلي ڪڍي وئي ريلي جي اڳواڻي درگاھ عاليہ لوڙهو شريف جي ميان اسدﷲ چنا، ميان علي شير چنا فقير ميان رحمت الله چنا فقير جن ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو تہ اڄوڪو ڏينهن اسان لاءِ عيد کان به وڏو ڏينهن آهي، اڄوڪي ڏينهن اسان جي آقا محبوب خدا جي دنيا ۾ آمد ٿي ،  پاڻ سڳورا پوري عالم اسلام لاءِ رحمت اللعالمين  بڻجي آيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.