روشن راڄپر جي قتل ۾ ڦاسائڻ خلاف راڻيپور ۾ ريلي

راڻيپور(ن ع آ) راڻيپور جي ڳوٺ موسا راڄپر ۾ ڏھ ڏينهن اڳ قتل ٿيل سماجي اڳواڻ سھارا فائونڊيشن جي چئيرپرسن روشن محبوب راڄپر کي بيرحماڻي انداز ۾ گهر اندر ڪمري ۾ قتل ڪيو ويو ھيو. جڏھن ته وارثن جي فرياد تي چئن سڃاتل شهرين ۽ چئن اڻسڃاتلن مٿان قتل جو ڪيس راڻيپور ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو ھو.ان قتل ڪيس ۾ فريادي مقتولا جو ويڳو پٽ عاقل محبوب راڄپر ھو. جنهن ايس ايس پي آفيس ۾ ميڊيا آڏو اعتراف ڪيو ته آءُ پنھنجي ماءُ کي ٻن مائٽن سان گڏجي قتل پڻ ڪيو آھي. جڏھن ته مقتولا جي وارثن پاران پوليس جي ڪيل انهيءَ انڪوائري رپورٽ کي رد ڪيو آھي ۽ اھو الزام ھڻندي پڻ چيو آھي ته پوليس زبردستي تشدد ڪري اسان جي ٻچڙن کان بيان ڏياريو آھي ۽ قاتل اھي ئي آھن جن تي مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.جڏھن ته سول سوسائٽي جي سڏ تي قومي شاھراھ باب احمد شاھ کان باب دستگير گيٽ تائين سوين ماڻهن جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ پوليس آفيسرن جي ڪيل انڪوائري تي حاوي ٿيڻ خلاف سخت نعري بازي پڻ ڪئي وئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.