ڪنري لڳ موٽر سائيڪلون چوري ڪندڙ گروهه جا 5 ڄڻا گرفتار

ڪنري (ت ر) ڪنري پوليس وڏي ڪاروائي ڪندي ڪنري، عمرڪوٽ ۽ ميرپورخاص سميت ٻين ھنڌن تان موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ گروھ جا /5 جوابدار گرفتار ڪري 11 موٽرسائيڪلون ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او ڪنري سيد عاطف شاھ ۽ ڊي ايس پي ڪنري غلام مصطفيٰ ڪاڇيلو گرفتار جوابدارن ۽ موٽرسائيڪلن کي ميڊيا آڏو پيش ڪندي چيو ته ڪافي ڪوششن بعد ڪنري ۽ ٻين شھرن مان موٽرسائيڪلون چوري ڪندڙ گروھ جي پنج جوابدارن کي گرفتار ڪيو آھي. گرفتار ڪيلن ۾ رمضان کوکر، راجا خاصخيلي، ساجد کوکر، عبدالله خاصخيلي، شاھنواز خاصخيلي شامل آھن. گرفتار جوابدارن خلاف مختلف قسمن جا چار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. گرفتار ڪيل جوابدارن جو ھڪ وڏو گروھ آھي جيڪو موٽرسائيڪلون چوري ڪري ھڪ شھر کان ٻي شھر ۾ وڪرو ڪري ٿو. پوليس ڄاڻايو ته گروھ جا ڪجھ جوابدار فرار ٿيل آھن جنن جي گرفتاري جلد عمل ۾ آندي ويندي. ڄاڻايل جوابدارن مان ڪجھ ننڍي ڄمار جا جوابدار به شامل آھن جيڪي رڪشا ھلائڻ جي بھاني سان ماڻھن جا موٽرسائيڪل چوريون ڪن ٿا. پوليس گرفتار پنج ئي جوابدارن کي سول ڪورٽ ۾ پيش ڪيو جتي عدالت کيس سب جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.