پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جو حصو بڻبي؟ نواز شريف جَي جلد واپس اچڻ جي دعويٰ

لاهور(ويب ڊيسڪ) اينڪر پرسن ثنا بچا دعويٰ ڪئي آهي ته هڪ کان ٻن مهينن ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جو فيصلو واپس ٿي ويندو.

خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي ثنا بچا چيو ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف جلد پاڪستان واپس ايندو. ان جي ڏيهه واپس اچڻ کانپوءِ هڪ کان ٻن مهينن ۾ ان جي نااهلي جو فيصلو واپس ٿي ويندو.

ثنا بچا اپوزيشن جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پنجاب جو ليڊر سوال ٿو ڪري، بلوچستان، ڪي پي ڪي ۽ سنڌ جا ليڊر چپ چاپ بڻيل آهن.

هن چيو ته پيپلزپارٽي پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) کي راضي ڪري وٺندي ڇو ته ڪا به پارٽي اڪيلي سِر جدوجهد نٿي ڪري سگهي.

سندس چوڻ هو ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اپوزيشن لانگ مارچ ڪري سگهي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.