اڳوڻو آمريڪي پرڏيهي وزير لاڏاڻو ڪري ويو

واشنٽگٽن(ويب ڊيسڪ) اڳوڻو آمريڪي پرڏيهي وزير ڪولن پاول ڪورونا وائرس وگهي لاڏاڻو ڪري ويو.

پرڏيهي ميڊيا موجب ڪولن پاول جي گهرڀاتين جو چوڻ آهي ته سندس لاڏاڻو ڪورونا وائرس جي ڪري طبي پيچيدگين سبب ٿيو آهي.

واضح رهي ته ڪولن پاول اڳوڻي آمريڪي صدر جارج بش جونيئر جي دور ۾ 2001 کان وٺي 2005 تائين آمريڪا جو پرڏيهي سيڪريٽري هو.

سياست مان اچڻ کان اڳ ڪولن پاول آمريڪي فوج جو سربراهه ۽ آمريڪا جي قومي سلامتي بابت صلاحڪار به رهي چڪو هو.

افغانستان ۽ عراق تي آمريڪي حملي دوران ڪولن پاول ئي آمريڪا جو پرڏيهي وزير هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.