ڪراچي پوليس ڏوهن تي ضابطي ۾ ناڪام، اسٽريٽ ڪرائمز ۾ واڌ

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال اسٽريٽ ڪرائمز ۾ واڌ ٿي وئي.

سي پي ايل سي طرفان جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر مهيني ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.

انگن اکرن موجب هن سال انهن ٽن مهينن ۾ اسٽريٽ ڪرائمز جون 27 هزار 519 وارداتون ٿيون، جيڪي گذريل سال ان ئي عرصي ۾ ٿيندڙ وارداتن کان 10 سيڪڙو وڌيڪ آهن.

انگن اکرن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل سال جولاءِ، آگسٽ ۽ سيپٽمبر دوران 25 هزار 777 وارداتون ٿيون هيون.

سي پي ايل سي طرفان چيو ويو آهي ته شهرين کان موٽر سائيڪل ڦر، ڪارن جي ڦر ۽ موبائل ڦر جي واقعن ۾ واڌ رڪارڊ ٿي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.