”مجبوري ڪا نام شڪريا“، پريمي جي انڪار تي ڇوڪري جو فيصلو

بهاولپور(ويب ڊيسڪ) بهاولپور ۾ چئن مهينن کان گم نوجوان ڇوڪري جي ڪيس جو ڊراپ سين ٿي ويو.

پوليس بهاولپور مان اغوا ٿيل ڇوڪري کي بازياب ڪرائي ورتو، ناري کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.

اڄڪلهه گهران نڪري شادي ڪرڻ نوجوان ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين جي لاءِ عام ڳالهه بڻجي وئي آهي، پر انهن جي اهڙي عمل تي سندن خاندان لاءِ جيڪي مسئلا پيدا ٿين ٿا اهي ته پنهنجي جاءِ تي پر جيڪي مسئلا ساڻن ٿين ٿا اهي به ڪڏهن ڪڏهن حيران ڪندڙ ۽ ڏکوئيندڙ هوندا آهن.

اڪثر اهڙيون خبرون اينديون رهنديون آهن جن ۾ ڇوڪريون پنهنجي پريمي جي ڪري پنهنجي گهر وارن کان منهن موڙ ڪري الهه تلهه ڇڏي ته نڪرنديون آهن پر اهي کين پنهنجو ناهن ڪندا جنهن سبب اهي خطرناڪ ۽ ڏکوئيندڙ قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينديون آهن.

ڇو ته گهر ڇڏي آيل ڇوڪري جي لاءِ گهر وڃڻ به هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي.

اهڙي ئي قسم جي واقعو بهاولپور جي هن ناري سان به ٿيو، ڇوڪري جنهن دوست سان شادي ڪرڻ جي لاءِ گهران نڪتي ان ساڻس نڪاح ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

عدالت ۾ پيش ڇوڪري جو چوڻ هو ته مان دوست سان شادي ڪرڻ جي لاءِ گهران نڪتس ان انڪار ڪيو ته هڪ رڪشي ڊرائيور مونکي نڪاح جي آڇ ڪئي جنهن کي مان قبولي ورتو، هاڻي مان ان سان گڏ رهندي آهيان ۽ ان سان ئي گڏ رهڻ چاهيان ٿي.

عدالت ڇوڪري جو بيان رڪارڊ ڪيو جنهن چيو ته مون شادي ڪئي آهي ۽ پنهنجي والدين جي گهر نٿي وڃڻ چاهيان.

ڇوڪري جي پيءُ به عدالت ۾ بيان ڏنو ته کيس شادي تي ڪو به اعتراض ناهي، جنهن کانپوءِ عدالت ڇوڪري کي پنهنجي مڙس سان گڏ وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.