مانجهند: نبي ڪريم صلعم جن جي ولادت جي خوشي ۾ جشن محفل ميلاد

مانجهند ۾ نبي ڪريم صلعم جي ولادت جي خوشي ۾ فقير اعجاز علي ميمڻ طرفان جشن محفل ميلاد ڪوٺائي وئي ،  جنهن ۾  حاجي محمد صديق ميمڻ حافظ خادم حسين ميمڻ شفقت قادري ديدار حسين ميمڻ سجاد حسين ميمڻ فدا حسين ميمڻ  سميت وڏي تعداد ۾ عاشقان رسول شرڪت ڪئي ، ميلاد ۾ لبيڪ يا رسول الله مرحبا يا مصطفي جون صدائون بلند ڪندي درود پاڪ جو ورد ڪيو ڪندي قرآن شريف جي تلاوت حمد ۽  نعت خواني پڻ ڪرائي وئي جنهن ۾َنالي واري نعت خوان حق شھنشاه نعتون قصيده ٻڌائي عاشقن کي جهومائي ڇڏيو، ان موقعي تي عالمن خطاب ڪندي چيو ت نبي ڪريم صلعم جي آمد سان دنيا مان جهالت ختم ٿي ، هي جهان نئين دور ۾ شامل ٿيو، ان موقعي تي نبي ڪريم صلعم جي ولادت جي خوشي ۾ مٺائي پڻ تقسيم ڪئي وئي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.