حڪومت جو آءِ ايم ايف سان گڏجي هڪ ٻيو وار، ڇوٽ ڏنل شين تي به ٽيڪس لڳندو

 

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) قرض پروگرام بحال ڪرڻ لاءِ پاڪستان سامهون نئون شرط رکي ڇڏيو.

آءِ ايم ايف قرض پروگرام جي بحالي لاءِ سخت شرط رکيو آهي، جنهن تحت حڪومت جن شين تي ٽيڪس ڇوٽ ڏني آهي، انهن تي به 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لڳائڻو پوندو.

آءِ ايم ايف جي نئين شرط تحت موبائل فونز تي به سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو تائين ڪرڻ جو امڪان آهي.

ذريعن موجب آءِ ايم ايف جي ڊمانڊ تي حڪومت 330 ارب رپين جي سيلز ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي تياري ڪري ورتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته سيلز ٽيڪس تي ڇوٽ ختم ڪرڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس آندو ويندو.

هوڏانهن واشنگٽن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين آمريڪي ٿينڪ ٽينڪ ۾ ڳالهائيندي اميد ظاهر ڪئي ته آءِ ايم ايف طرفان ڇهين قسط جلد ملي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.