وزيراعظم ڪِستو ڀڃڻ بدران پِنندو ٿو وتي: سراج الحق

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته وزيراعظم کي جيڪو ڪستو ڀڃڻو هو، اهو ٻنهي هٿن ۾ کڻي گهمي رهيو آهي.

پنهنجي بيان ۾ سراج الحق چيو ته حڪومت 38 مهينا گذري به مديني جي رياست ڏانهن هڪ قدم نه کنيو، پي ٽي آءِ جي سونامي هر شعبي ۾ تباهي آڻي رهي آهي.

هن چيو ته پ پ ۽ پي ڊي ايم حڪومت کي هر معاملي ۾ سپورٽ ڪيو، حڪمران اشرافيا هڪ آهي ۽ سڀني جا مفاد گڏيل آهن، ڪرسي لاءِ اقتدار تي ويٺل ماڻهو نظريي ۽ اهليت کان وانجهيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.