سراج دراني سميت ٻين ڪيسن جا جاچ آفيسر بدلي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) ڪراچي جي هاءِ پروفائل ڪيسن جي جاچ آفيسر جي بدلي ڪري ڇڏي.

ذريعن موجب سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڪيس جي جاچ ڪندڙ آفيسر آصف رضا جي لاهور بدلي ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر عاصم ۽ دفاعي ادارن جي ٻارڻ چوري ڪيس جي جاچ آفيسر کي به بدلي ڪيو ويو آهي.

ذريعن موجب فتح گمڀير جي بدلي نيب ڪراچي مان نيب پشاور ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.