ملڪ ۾ شگر ملز بند ڪرڻ جي تجويز

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته شگر ملز بند ڪري چيني درآمد ڪرڻ جو جائزو وٺڻو پوندو.

ن ليگ اڳواڻ خواجا آصف قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ۾ چيو ته سياستدانن شگر سيڪٽر ۾ ڪارٽل بڻائي ڇڏيو آهي، هڪ هڪ سياستدان جون 8 کان 10 شگر ملون آهن، گھڻيون شگر ملز جا مالڪ سياستدان آهن، جيڪي سياستدان ناهن اهي به سياستدانن يا ان جي اي ٽي ايمز جي اثر هيٺ آهن.

هن چيو ته ملڪ کي شگر ملز مالڪن جي پڪڙ ۾ مان ڪڍڻ جي ضرورت آهي.

ڪميٽي جي چيئرمين رانا تنوير حسين چيو ته ملڪ ۾ شگر ملز بند ڪرڻ گھرجن، درآمدي کنڊ تي گھٽ خرچ ايندو آهي ۽ درآمد سان وڌيڪ فائدو ٿيندو آهي.

قومي اسيمبلي ميمبر رانا تنوير حسين جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس دوران خواجا آصف جو چوڻ هو ته ڪجهه ماڻهو ارب پتي نه پر کرب پتي بڻجي چڪا آهن.

هن چيو ته ملڪ کي شگر ملز مالڪن جي پڪڙ مان نڪرڻ جي ضروت آهي، شگر ملز بند ڪري کنڊ درآمد ڪرڻ ۽ ڪپهه جي پوک وڌائڻ جو جائز ورتو ويندو، ڪمند پاڻي گھڻو پيئندو آهي، پاڻي جا ذخيرا ختم ٿي رهيا آهن.

ان موقعي تي ڪميٽي چيئرمين چيو ته ڪمند بدران ملڪ ۾ ڪپهه پوکڻ ملڪ لاءِ وڌيڪ فائديمند آهي. ملڪ ۾ ڪپهه سميت زرعي شعبي ۾ ڪو به ڪم ناهي ٿيو. ڪالا شآهه ڪاڪو ۾ زرعي زمين جي جاچ ڪائونسل جي زمينن تي قبضو ڪري ورتو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.