حيدرآباد ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح ڳڻتيءَ جوڳي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي پر حيدرآباد ۾ اها شرح 11.94 سيڪڙو آهي.

صحت کاتي موجب ڪراچي ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3353 ٽيسٽون ڪيون ويون ۽ 97 ڄڻن ۾ وائرس جي تصديق ٿي، ان دوران هاڪاري ڪيسن جي شرح 3.4 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

ڪورونا ڪيسن جي شرح ۾ حيدرآباد جي صورتحال ڳڻتيءَ جوڳي آهي ۽ اتي 24 ڪلاڪن ۾ هاڪاري ڪيسن جي شرح 11.94 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

انگن اکرن موجب سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ ڪورونا ڪيسن جي شرح 3.91 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

صحت کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن جي مجموعي شرح 4.61 سيڪڙو آهي، جڏهن ته هڪ ڏينهن دوران صوبي ۾ وڌيڪ 9 مريض لاڏاڻو ڪري ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.