ڪراچي جون خبرون

ڪراچي: اورنگي، گجرنالي ۽ بحريا ٽائون متاثرن جي واهر ڪئي وڃي:ايڪشن ڪميٽي

ڪراچي: 83 ڪميشن پاس وٽرنري ڊاڪٽرن پاران آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاج جاري

ڪراچي: پيرا ميڊيڪل اسٽاف جا مطالبا پورا نه ٿيا،سڀاڻي سڄي سنڌ ۾احتجاج جو اعلان

1

ڪراچي ۾ اورنگي ، گجر نالي ۽ بحريا ٽائون جي متاثرن جي حقن لاء جدوجهد ڪندڙ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن اسد بٽ, عارف حسن, ڪرامت علي ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته هن وقت 7 ھزار کان وڌيڪ گھر سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ڊاهيا ويا آهن، انهن متاثرن کي سھولتون ڏئي آباد ڪيو وڃي, حڪومت متاثرن لاء ھن وقت تائين ڪجهه نه ڪيو آهي،  اورنگي ٽائون ۽ گجر نالن تي حڪومت توجھ نٿي ڏي ۽ سپريم ڪورٽ جي حڪمن کي ٿڏيو ويو آهي ،ھنن مطالبو ڪيو ته بحريا ٽائون جي مليل رقم مان اورنگي ۽ گجر نالي تان بي دخل ڪيل ماڻهن تي خرچ ڪيو وڃي, هنن  عدالت کي اپيل ڪئي  ته نوٽس وٺي متاثرن کي  انصاف فراهم ڪيو وڃي.

2

پاڪستان وٽنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن طرفان 83 ڪميشن پاس وٽرنري ڊاڪٽرن کي آرڊر نه ملڻ خلاف ڪراچي پريس ڪلب آڏو چئن ڏينهن کان احتجاج جاري رکيو ويو، ان موقعي تي پاڪستان وٽنري ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي اڳواڻن  ڊاڪٽر زاهد چاچڙ،مجيب الرحمان،ڊاڪٽر رضوان، حاڪم علي جلباڻي،محمد اويس ميمڻ ۽ ٻين چيو ته کاتي جي سيڪريٽري پاران سمورن ملازمن سان ناجائزي ڪئي پئي وڃي ۽  ٽيسٽ دوران ايگريڪلچر جا به اميدوار  موجود هئا  جن کي  جوائننگ ۽ آفر آرڊر ملي چڪا آهن،  اهي ڊيوٽي پيا ڪن پر وٽرنري جي اميدوارن سان کاتي طرفان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته  اسان کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ باوجود گذريل ستن مھينن کان آفر توڙي جوائنگ آرڊر نه ڏنا ويا آهن، هنن  سنڌ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته  فوري طور تي نوٽيس وٺي وٽرنري ڊاڪٽرن کي آفر آرڊر ڏئي روزگار فراهم ڪيو وڃي.

3

ڪراچي پاڪستان پيراميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاء 16هين ڏينهن به ڪراچي پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهري بعد سي ايم هائوس ڏانهن مارچ جي ڪوشش ڪئي وئي ، صحت کاتي جي ايڊيشنل سيڪريٽري دادلو زهراڻي ۽ نسيم ميراڻي پريس ڪلب پهتا, جن سندن مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي ۽ احتجاج ۾ شريڪ گرينڊ ھيلٿ الائينس جي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري سندن احتجاج ختم ڪرايو ڪجه دير بعد ٻيهر پاڪستان پيرا ميڊيڪل عملي جي صدر خادم حسين مستوئي احتجاج جاري رکڻ جو اعلان ڪندي سي ايم هائوس ڏانهن مارچ ڪرڻ شروع ڪيو ته کين پوليس روڪي ورتو, ان موقعي تي خادم حسين مستوئي چيو ته صحت کاتي جي عملدارن ڪوڙو لالي پاپ ڏنو ۽ برطرف ٿيل ملازمن جي بحالي وارو نوٽيفڪيشن جاري ناهي ڪيو, اهڙي عمل خلاف احتجاج جاري رکندي سي ايم هائو س وينداسين , بعد ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو هڪ ڪارڪن بيهوش ٿي ويو ۽ رات دير تائين احتجاج کانپوء پاڪستان پيرا ميڊيڪل ايسوسئشن پاران سومر کان سڄي سنڌ جي اسپتالن کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڪراچي مان احتجاج ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.