” سنڌ حڪومت ڀارتي فوج قرار، جنگ پئي هلي، منهنجي تڪ ۾ ڪشمير جهڙا منظر آهن“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير جي حڪمن تي انڪروچمينٽ جي نالي تي سوين خاندانن کي بي گهر ڪرڻ واري معاملي تي سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ جو وڊيو بيان سامهون آيو آهي.

حليم عادل شيخ چيو ه خادم سولنگي ڳوٺ غازي آباد پراڻو ڳوٺ آهي، انڪروچمينٽ خالي ڪرائڻ جي نالي تي جنگ جهڙي تياري ڪئي پئي وڃي.

هن چيو ته روٽي، ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو هڻندڙ اڄ عوام کي بي گهر ڪري رهيا آهن، منهنجي تڪ ۾ سوسائٽي مونکان اڳ ٺهي هئي، وڏي وزير جي ماڻهن پيسا وٺي اهو ڳوٺ آباد ڪرايو هو.

پي ٽي آءِ جي ايم پي اي چيو آهي ته سعيد غني چوندو هو ڪنهن کي به بي گهر نه ڪنداسين، ته پوءِ اڄ اهي حڪم ڪنهن ڏنا آهن؟ منهنجي تڪ ۾ سڄو ڳوٺ ڪيرائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن.

سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته ضلعي ايسٽ ۾ زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن اتي ڪا به ڪارروائي نٿي ٿئي، اهي ماڻهو غريب ماڻهن کان گهر کسي ان زمين تي قبضا ڪرڻ چاهين ٿا.

سندس چوڻ هو ته ڳوٺ خالي ڪرائڻ لاءِ ليٽر لکي وڏي پوليس نفري گهرائي وئي، بم بلاسٽ، خود ڪش حملا، فائرنگ جا خدشا ٻڌايا ويا، ائين لڳي رهيو آهي ته ڀارت ڪشمير تي حملو ڪري رهيو آهي.

وڊيو بيان ۾حليم عادل شيخ چيو ته اڳ ۾ به پيپلزپارٽي ڳوٺ ڪيرائي مختلف بلڊرز کي زمين وڪڻي، منهنجون همدرديون ڳوٺ وارن سان آهن، اهڙي ڪارروائي جي مذمت ڪيان ٿو، ڳوٺ خالي ڪرائڻو آهي ته پهريون ان ڳوٺ وارن کي متبادل زمين فراهم ڪئي وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.