آغا سراج دراني جي گھر تي ڇاپي خلاف ڪارڪن سراپا احتجاج، شٽر بند هڙتال

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت رد ٿيڻ تي نيب جي ٽيم پاران گرفتاري لاءِ سندس گھر تي ڇاپي خلاف  ڳڙهي ياسين ۾ پ پ ڪارڪنن پاران  احتجاجي مظاهرو ڪري شٽر بند هڙتال ڪئي وئي.

ڪارڪنن جي احتجاج سبب شهر جون سموريون بازارون بند رهيون جڏهن ته سامان جي خريداري ۽ سپلاءِ جو نظام به معطل ٿي ويو.

ان موقعي احتجاج ڪندڙ پ پ ڪارڪنن جو چوڻ هو ته آغا سراج دراني جي گھر تي ڇاپو جمهوريت جي خلاف سازش آهي، آغا سراج دراني شريف ۽ ايماندار سياستدان آهي مٿس ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.

هنن چيو ته هن ڏکي وقت ۾ ڳڙهي ياسين جو عوام آغا سراج دراني سان گڏ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.