سڀ کان وڏي جيل جا قيدي، جيل جي حفاظت لاءِ مقرر

ڪابل(ويب ڊيسڪ) ڪابل تي طالبان جي قبضي کان هڪ ڏينهن اڳ افغانستان جي سڀ کان وڏي جي ”پُلِ چرخي“ جا دروازا کوليا ويا هئا، آمريڪي اختيارين ان جيل ۾ جن هزارين طالبانن کي قيد رکيو هو انهن مان ڪيترائي اڄ کان ان ئي جيل جي حفاظت لاءِ مقرر آهن.

ڪابل جي پُلِ چرخي جيل جا قيدي اڄ ان جي حفاظت لاءِ مقرر آهن، پاڪستان جي خانگي ٽي وي جي ٽيم جيل جو دورو ڪيو جيل بابت رپورٽ به ڏني.

آمريڪي اختيارين پُلِ چرخي جيل ۾ هزارين طالبان کي قيد رکيو، ويندي ويندي جيل جو رڪارڊ به ساڙيو ويو.

جيل ۾ قيدين کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويندو هو، انهن جا وار پٽيا ويندا هئا، آمريڪي تشدد جي ڪري ڪيترائي قيدي ذهني مريض بڻجي ويا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.