پي ٽي آءِ جي پارلياماني اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.

اجلاس ۾ ڊي جي آءِ ايس آءِ جي نوٽيفڪيشن تي وزيراعظم پاران ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

ذريعن موجب وزيراعظم چيو آهي ته حڪومت ۽ فوج ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا غلط فهمي نه آهي، فوجي قيادت سان مون کان وڌيڪ بهتر ڪنهن جا لاڳاپا نه آهن.

ذريعن موجب وزيراعظم چيو ته ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري ۾ ٽينيڪي خامي هئي جيڪا ٺيڪ ٿي ويندي، سڀ ڪجهه ڪليئر آهي، حڪومت چاهي پئي ته افغان صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڊِي جي آءِ ايس آءِ ڪم جاري رکي.

ذريعن موجب وزيراعظم جو چوڻ هو ته آرمي چيف ٻڌايو ته آرمي ايڪٽ ۾ ان ڳالهه جي وڌيڪ گنجائش نه آهي، نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جو نوٽيفڪيشن جلد کان جلد جاري ڪيو ويندو، ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري جي حوالي سان شڪ شبها ختم ٿي ويا آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.