سنڌ حڪومت مسنگ پرسنز جي معاملي تي بي وسي ظاهر ڪري ڇڏي

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل شهرين جي آزادي لاءِ ٻڌڻي دوران صوبائي حڪومت بي وسي ظاهر ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ 8 ورهين کان گم ٿيل شهرين جي آزادي ۽ وارثن جي سار سنڀال جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، ڊپٽي اٽارني جنرل ۽ ٻيا پيش ٿيا.

ان موقعي تي عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته گم ٿيل ڪٿي آهن؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته هر پٽيشن ۾ چيو ويندو آهي رينجرز وارا ڪٿي آهن، اهو ته وفاقي حڪومت جو ڪم آهي.

ڊپٽي اٽارني جنرل چيو ته رينجرز سنڌ حڪومت جي ڪنٽرول ۾ هوندي آهي تڏهن اهڙيون ڳالهيون ٿينديون آهن، اسان کي ماڻهن سان همدردي آهي پر ڪجهه نٿا ڪري سگهون ٿا.

گم ٿيلن جي وڪيل ايڊووڪيٽ جبران ناصر چيو ته وارثن جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ انهن جي سار سنڀال ڪير ڪندو؟ گم ٿيلن جو گهرواريون بيواهن ۽ ٻار يتيمن وارنگر زندگي گذاري رهيا آهن.

هن چيو ته 2013 ۾ مسنگ پرسنز جي معاملي تي ٽاسڪ فورس ٺهي هئي، انهن سفارشون ڏنيون هيون، ڪميشن ڊڪليئر ڪيو هو ته انهن ماڻهن کي رياست ڪنهن نه ڪنهن معاملي ۾ حراست ۾ رکيو آهي.

عدالت سنڌ حڪومت ۽ وفاقي کي گڏجي ڪميٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي ڪميٽي جا تفصيل پيش ڪيا وڃن.

سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته خاندانن جا خرچ ۽ روز جا معاملا ڪميٽي ڏسندي، پوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 22 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.