قمبر ، مٺي ، عادلپور ۽ ھالا جون خبرون

قمبر:ڳوٺ جعفراڻي جي رهواسين پاران وارهه پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

مٺي:ايم اين اي مهيش ڪمار ملاڻي جو وڏو ڀاءُ پروفيسر راڻو مل ديهانت ڪري ويو

عادلپور: ڳوٺاڻن پاران جان محمد سوسائٽي پوليس چوڪي انچارج خلاف مظاهرو

هالا: ارباب برادري جي 5 مغوين جي بازيابي جي خاطري کانپوءِ ڌرڻو ختم

1

قمبر جي ڳوٺ جعفراڻي جي رهواسين عورتن مردن معصوم ٻارڙن سميت پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب آڏو اره پوليس خلاف احتجاج ڪندي دانهيندي مسمات صدوران،مسمات زينت خاتون ٽوٽاڻي،روشن ٽوٽائي ۽ معصوم ٻارڙن چيو ته واره پوليس ٿاڻي جي اهلڪار آصف چانڊيو،امداد چانڊيو ۽ ٻين سندن گهر ۾ ڪاهه ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي عورتن معصوم ٻارڙن کي مار ڪٽ ڪئي ،معصوم پٽ محمد علي ٽوٽاڻي کي مار ڪٽ ڪندي زبردستي کڻي ويا ، عورتن روئيندي چيو ته اسان جو ڪنهن به ڏوهارين سان واسطو ناهي بنا جواز گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندي گهرو سامان موٽر سائيڪل، ڪڪڙ ۽ ٻيو سامان به اهلڪار کڻي ويا، هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ڊاڪٽر سُمير نور چنه ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته پوليس جي ظلم کان بچائي انصاف ڪيو وڃي.

2

ٿر ۾ نامياري تعليم دان ۽ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي جو وڏو ڀاءُ پروفيسر راڻومل ملاڻي دل جو دورو پوڻ ڪري 74 سالن جي عمر ۾ ديهانت ڪري ويو،سندس اگني سنسڪار مٺي ۾ ڪيو ويو،آخري رسمن ۾ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي،انجنيئر گيانچند،دوست علي راھمون،خالد سراج سومرو،ايم اين اي لال مالهي،اڳوڻو ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو،اڳوڻو ايم پي اي علي مراد راڄڙ،صوفي شوڪت سومرو،معروف منگريو،حيدر شاھاڻي،ايس پي حسن سردار نيازي،ڊي سي محمد نواز سوھو،ڪنور ڪرني سنگھ سميت وڏي انگ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شھرين شرڪت ڪئي، هوڏانهن پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي،ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي ۽ فيملي سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي.

3

عادلپور ۾ ڳوٺ وريام چاچڙ واسين  غلام نبي چاچڙ مائي نظيران مائي حضوران ٻارڙن سميت جان محمد سوسائٽي پوليس چوڪي انچارج جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته جان محمدسوسائٽي چوڪي انچارج بھرام ڀٽو آرائين برادري جي بااثرن جي چرچ تي انهن جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آھي ھنن ٻڌايو ته آرائين برادري جا ماڻھو انهن کان زبردستي زمين خريد ڪرڻ چاھين پيا انهن جي انڪار تي ھتان لڏائي زمين تي قبضو ڪرڻ چاھين ٿا ، ھنن  الزام لڳائيندي چيو ته چوڪي انچارج آرائين برادري جي بااثرن جي ڀر ٿي بيٺو آهي  ، ھڪ ھفتو اڳ ڊرائيور ممتاز چاچڙ کي گاڏي تان لاھي گم ڪري ڇڏيو آھي  ٽي ڏينھن اڳ ٻارنھن سالن جي نينگر عرفان چاچڙ کي تشدد جو نشانو بڻايو جنهن ۾ مائي حضوران جي ٻانھن ڀڄي پئي ، ھنن الزام هنيو ته چوڪي انچارج نينگر کي ڇڏڻ لاء رشوت طلب ڪري رھيو آھي هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.