”دنيا جي سڀ کان شرمناڪ انٽرن شپ، ايپ ڊائون لوڊ ڪيو“ شاگردياڻي جو انوکو ڪارنامو

تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ پيشوراڻي زندگي ۾ داخل ٿيڻ وقت نوجوانن جي لاءِ انٽرن شپ جو مرحلو نه رڳو دلچسپ هوندو آهي پر ان دوران سخت محنت به ڪرڻي پوندي آهي، جڏهن ته ڪجهه ماڻهو انکي پنهنجي تخليقي صلاحيتن سان يادگار به بڻائي ڇڏيندا آهن.

اهڙو ئي ڪم برطانيا جي هڪ 22 سالا شاگردياڻي ڪيو، جنهن انٽرن شپ دوران پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪرڻ جي لاءِ هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي پاڻ کي پول سان ٻڌي ڇڏيو.

غير ملڪي ميڊيا موجب سينٽرل لنڊن ۾ مينيجمينٽ سائنس جي شاگردياڻي انيا جيڪسن کي آن لائن ڊيٽنگ ايپ جي مارڪيٽڻگ جو هدف مليو هو ۽ انکي هڪ هزار ماڻهن کان ڊائون لوڊ ڪرائڻو هو، جنهن کي پورا ڪرڻ تي ان کي 25 برطانوي پائونڊ (5،834 رپيا) ملڻا هئا.

سوشل ميڊيا تي ڪيل پوسٽ ۾ انيا جيڪسن ٻڌايو ته اهو ٽاسڪ پورو ڪرڻ جي لاءِ ڪو به تخليقي قسم جو طريقو ڪونهي جنهن جي ڪري هن هٿڪڙين سان پنهنجو پاڻ کي ٻڌي ڇڏيو.

انيا جيڪسن پنهنجي پيرن هيٺان هڪ بورڊ به رکي ڇڏيو جنهن تي لکيل هو ”دنيا جي سڀ کان شرمناڪ انٽرن شپ، جيڪڏهن توهان سنگل آهيو ته اها ايپ ڊائون لوڊ ڪيو“.

پنهنجي پوسٽ ۾ انيا جو چوڻ هو ته اميد آهي ته مان جلد پنهنجو ٽارگيٽ پورو ڪري وٺندس جنهن کانپوءِ منهنجو مينيجر هٿڪڙيون کولي ڇڏيندو.

پوسٽ تي جتي ڪيترن ئي ماڻهن انيا جي تخليقي ذهن جي تعريف ڪئي آهي اتي ڪيترن ئي مٿس تنقيد به ڪئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.