ناروي ۾ جوابدار جو تير ڪمان سان حملو، 5 ڄڻا قتل

ناروي ۾ جوابدار تير ڪمان سان حملو ڪري 5 ماڻهن کي قتل ۽ ٻن ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ناروي جي ڏکڻ اوڀر علائقي ڪونگسبرگ ۾ هڪ جوابدار تيرڪمان سان حملو ڪري 5 ڄڻن کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته حملي ۾ ٻه ڄڻا زخمي به ٿي پيا.

پوليس موجب زخمين کي ويجهي اسپتال ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

جوابدار علائقي جي ڪيترن ئي جاين تي ماڻهن کي نشانو بڻايو جنهن کانپوءِ کيس گرفتار ڪيو ويو.

پوليس اختيارين ٻڌايو ته واقعي جي سبب جي فوري طور تي خبر نه پئجي سگهي آهي پر جاچ جاري آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.