ميروخان:ٽائون آفيسر۽ ملازمن ۾ تڪرار جاري،مخالف ڌڙِي جو احتجاج

ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي ملازمن ۽ ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو جي وچم ملازمن جي پگھارن مان ڪٽوتي واري معاملي تان شروع ٿيل تڪرار چار ڏينھن گذرڻ بعد به حل نه ٿي سگھيو ملازمن جي ٻن ڌڙن طرفان ڌار ڌار ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو جي حمايت ۽ مخالف ۾ احتجاج جو سلسلو به جاري آھي جڏھن ته پگھارون بند ٿيل ملازمن جي حمايت ۾ شھر اندر صفائي ڪندڙ عملي طرفان به ڪم ڇڏ ھڙتال ڪئي وئي ،رابطو ڪرڻ تي ٽائون آفيسر شڪيل احمد ٻڌايو ته ٽائون ڪاميٽي جي ڊيوٽيون نه ڪندڙ گوسڙو ملازمن جي پگھار بند ڪئي آھي ته گوسڙو ملازم زبير مگسي ۽ سندس ٻين ساٿين طرفان ٽائون آفيس اچي ڪمپيوٽر اپريٽر محمد اسحاق ڀٽي مٿان حملو ڪري آفيس اندر ڀڃ ڊاھ ڪري ڪمپيوٽر ۽ ٻيو سامان ڀڃڻ بعد آفيس اندر ويٺل ملازمن کي ڌمڪيون ڏيئي زبردستي آفيس جي تالابندي ڪري شھر اندر صفائي ڪم کي بند ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي.هن چيو ته هو ڪنھن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.