حيدرآباد ۽ يوسي ناريجاڻي واسين پاران امتيازڇلگري جي گرفتاري خلاف مظاهرو

حيدرآباد ۽ يوسي ناريجاڻي جي رهواسين پاران پورهيت مزاحمت تنظيم جي اڳواڻ امتياز ڇلگري جي گرفتاري ،بلڊر مافيا ، منشيات فروشن ۽ راهوڪي پوليس جي ظلمن خلاف ايس ايس پي آفيس کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي اعجاز ڇلگري، دانش گوپانگ، قربان عالماڻي، سلمان جکرو، حامد عالماڻي ۽ ٻين الزام هڻندي چيو ته راهوڪي پوليس سياسي ماڻهن ۽ بلڊرن جي ونگار وهندي اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته اسان راهوڪي پوليس جي ناقص ڪارڪردگي بلڊرز ۽ منشيات فروشن کان تنگ اچي سندن خلاف سوشل ميڊيا تي آواز اٿاريون ٿا ته راهوڪي پوليس بااثر ماڻهن جي چوڻ تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ٿي، هنن چيو ته ناريجاڻي جي ڳوٺن ۾ چوريون، ڦرون، ڌاڙا، منشيات جو وڪرو، جوا جا اڏا ۽ آڪڙا پرچي سري عام هلي رهي آهي، هنن چيو ته 2 ڏينهن اڳ پورهيت مزاحمت جي اڳواڻ امتياز ڇلگري مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي، هنن ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي حيدرآباد سميت وس وارن کي اپيل ڪئي ته ڄاڻايل معاملي جو نوٽيس وٺي ڳوٺاڻن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.