شاگرد کي ٻاراڻي حرڪت ڳچيءَ پئجي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شاگرد کي سوشل ميڊيا تي شرارت ڪرڻ مهانگي پئجي وئي، ٻاراڻي حرڪت سبب آمريڪا ۾ ويٺل انٽيليجنس ادارا به متحرڪ ٿي ويا.

لاهور جي خانگي هائوسنگ سوسائٽي جي رهواسي شاگرد علم حسين آصف ڪاليج جي ڪلاس روم ۾ اوچتو بيگ مان پسٽل ڪڍيو، وڊيو ٺاهي ۽ سنيپ چيٽ تي اپلوڊ ڪري ڇڏي.

وڊيو اپ لوڊ ٿيندي ئي آمريڪي اختيارين انٽرپول ذريعي پاڪستان ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) سان رابطو ڪيو.

پاڪستاني اختيارين کي ٻڌايو ويو ته ڇوڪرو ڪاليج ۾ فائرنگ ڪندو ۽ شاگردن کي ماريندو.

ايف آءِ اي اختيارين موجب انٽرپول کان ايمرجنسي ڪال ايندي ئي ڪارروائي ڪئي وئي ۽ ڊي جي ايف آءِ جي هدايت تي سائبر ڪرائيم ونگ شآگرد علم حسين آصف کي گھران گرفتار ڪري ورتو.

ايف آءِ اي اختيارين موجب شاگرد هڪ نجي ڪاليج ۾ پڙهندو آحي ۽ هن وٽان هٿ آيل پسٽل جعلي آهي.

ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ جي ڊائريڪٽر بابت بخت قريشي رپورٽ ڊي جي ايف آءِ اي کي موڪلي ڇڏي، جنهن رپورٽ انٽرپول ذريعي آمريڪي اختيارين کي موڪلي ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.