نور مقدم قتل ڪيس: مک جوابدار ظاهر جعفر سميت سڀني جوابدارن تي فرد جرم لاڳو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي ايڊيشنل سيشن جج نور مقدم قتل ڪيس ۾ مک جوابدار ظاهر جعفر سميت 12 جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدارن ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ايڊيشنل سيشن جج عطا رباني مک جوابدار ظاهر جعفر، سندس پيءَ ذاڪر جعفر، ماءُ عصمت آدم ۽ ملازمن افتخار، جميل، جان محمد سميت ٿراپي ورڪس سان سلهاڙيل 6 جوابدارن تي به فرد جرم لاڳو ڪيو.

ٻڌڻي دوران مک جوابدار عدالتي ڪارروائي ۾ مسلسل مداخلت ڪندو رهيو ۽ چيو ته نور قربان ٿيڻ پئي چاهيو، هن پاڻ کي قرباني لاءِ پيش ڪيو هو.

ظاهر جعفر عدالتي ڪمري ۾ نور مقدم جي پيءَ شوڪت مقدم کان هٿ ٻڌي معافي به گهري، جڏهن ته هن گهڙي گهڙي عدالت کي فون ڪال ڪرڻ جي اجازت جي اپيل به ڪئي.

ٻڌڻي دوران ظاهر جعفر جي ملازم افتخار روئيندي چيو ته نور جو ٻن سالن کان اچڻ وڃڻ هو، علم نه هو ته ائين ٿيندو.

مک جوابدار سميت 6 جوابدارن کي اڊيالا جيل مان سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت آندو ويو، جڏهن ته ٿراپي ورڪس جا 6 ملازمن به عدالتي نوٽيس تي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيا ۽ ڏوهه مڃڻ کان انڪار ڪيو.

عدالت فريادين جي شاهدن کي 20 آڪٽوبر تي طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته اسلام آباد جي ڪوهسار ٿاڻي جي حدن ايف سيون فور ۾ 20 مئي تي ناري نور مقدم کي تکي اوزار سان قتل ڪيو ويو هو.

نور مقدم قتل ڪيس جو مک جوابدار ظاهر جعفر پوليس جي تحويل ۾ آهي، جنهن جي پوليس طرفان پولي گرافڪ ٽيسٽ به ڪرائي وئي آهي.

حڪومت نور مقدم قتل ڪيس جي جوابدار جو نالو بليڪ لسٽ ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير شيخ رشيد جو چوڻ هو ته جوابدارن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.