ڊگري پروگرام: ڪراچي يونيورسٽي جو شاگردن لاءِ اهم اعلان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي يونيورسٽي ڊگري پروگرام جي سلسلي ۾ شاگردن لاءِ اهم اعلان ڪري ڇڏيو.

ڪراچي يونيورسٽي ڊگري پروگرام تحت سيٽن ۾ 25 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ يونيورسٽي انتظاميا طرفان نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڪراچي يونيورسٽي جي امتحانن جي ڪنٽرولر موجب فيصلو شاگردن ۽ شاگردياڻين جي انگ ۾ واڌ تي ڪيو ويو آهي.

يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ هو ته گذريل تعليمي سال دوران ڪورونا سبب اعليٰ ثانوي تعليمي بورڊ جي امتحانن ۾ سڀني شاگردن کي پاس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، جنهن سبب سيٽن ۾ واڌ به ضروري ٿي وئي هئي.

پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته اهو فيصلو ڪراچي يونيورسٽي سان لاڳاپيل سڀني ڪاليجن تي لاڳو ٿيندو.

واضح رهي ته ڪراچي يونيورسٽي ٻن سالن جو ڊگري پروگرام جاري رکڻ جو فيصلو ڪندي چيو هو ته پروگرام جاري رکڻ جي منظوري اڪيڊمي ڪائونسل کان ورتي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.