ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ قومي اسيمبلي ۾ گڏيل ٺهراءُ منظور

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ملڪ لاءِ خدمتن تي محسن پاڪستان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ گڏيل ٺهراءُ منظور ڪري ورتو.

اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ قومي اسيمبلي اجلاس ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان، اسيمبلي ميمبر پرويز ملڪ ۽ ليجنڊ اداڪار عمر شريف کي ملڪ لاءِ خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪئي وئي.

اجلاس جي منڍ ۾ قومي اسيمبلي اسپيڪر اسد قيصر، ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو هو ته هو محسن پاڪستان هو.

اسد قيصر، پرويز ملڪ ۽ عمر شريف جي لاڏاڻي تي به افسوس جو اظهار ڪيو ۽ ٽنهي شخصيتن جي روح کي ايصال ثواب پهچائڻ لاءِ دعا ڪرائي ڪئي، دعا قومي اسيمبلي ميمبر مولانا اڪبر چترالي گهرائي.

اجلاس ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي خدمتن عيوض ڀيٽا پيش ڪرڻ جو ٺهراءُ گڏيل طور منظور ڪيو ويو.

ٺهراءَ مملڪتي وزير علي محمد خان پيش ڪيو، جنهن ۾ چيو ويو ته هي ايوان ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي سلام پيش ڪري ٿو ۽ سندس خدمتن کي سرڪاري نصاب ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪري ٿو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.