2050ع تائين دنيا ۾ نور کان محروم ماڻهن جي انگ ۾ ٽيڻ تي واڌ جو امڪان

دنيا ۾ مناسب قدم نه کڻڻ سبب 2050ع تائين نظر کان محروم ماڻهن جي انگ ۾ ٽيڻ تي واڌ جو خدشو آهي.

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ ”اکين جي روشني“ نظر جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي ته جيئن ماڻهن ۾ اکين جي نور بابت آگاهي پيدا ڪري سگھجي ۽ ان بيماري بابت حقيقتن کي سامهون آڻي سگھجي.

ان موقعي تي سائيٽ سيورز پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر منزه گيلاني پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان ۾ 80 سيڪڙو ماڻهن کي انڌو ٿيڻ کان بچائي سگھجي ٿو ۽ جيڪڏهن فوري طور تي ان بيماري کي روڪڻ لاءِ قدم نه کنيا ويا ته لکين ماڻهو ان جو شڪار ٿي سگھن ٿا.

هن چيو ته نابيني علاج جوڳو مرض آهي پر اکين جي علاج جون سهولتون نه هجڻ ۽ غربت سبب ان مرض تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششن ۾ ڪاميابي حاصل ناهي ٿي سگھي.

صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) موجب سڄي دنيا ۾ 2.2 ارب کان وڌيڪ ماڻهو اکين جي بيمارين ۾ مبتلا آهن ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ متاثر ماڻهن جو انگ ترقي يافتا ملڪن جي ڀيٽ ۾ چار ڀيرا وڌيڪ آهي جڏهن ته متاثرن مان اڌ جو مرض علاج جوڳو آهي.

سڄي دنيا ۾ نابين ماڻهن جو انگ 2050ع تائين 11 ڪروڙ 50 لک تائين پهچي سگھي ٿو جنهن جي سالياني نقصان جو ڪاٿو 410.7 ارب ڊالر لڳايو ويو آهي.

منزه گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ اکين جي علاج جي سهولتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻو پوندو ته جيئن نابيني جي پکڙجڻ کي روڪي سگھجي.

هن چيو ته سائيٽ سيورز پاڪستان حڪومت سان گڏجي نابيني جي مختلف منصوبن تي ڪم ڪيو آهي ۽ انهن منصوبن ذريعي ملڪ ۾ اکين جي علاج جي سهولتن ۾ بهتري ايندي.

پاڪستان ۾ ”نظر“ جي ڏينهن جي موقعي تي سائيٽ سيورز ملڪ جي آئين جو بريل ۾ ترجمو ڪيو آهي ته جيئن نابين ماڻهو به آئين کي پڙهي سگھن.

پاڪستان ۾ اکين جي علاج جي راهه ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن ۾ غربت، سهولتن جو رڳو شهري علائقن تائين محدود رهڻ ۽ معذورن کي مڪمل پهچ نه ملڻ شامل آهن.

عورتن ۾ موتيي جي بيماري جي شرح مردن جي ڀيٽ ۾ 63 سيڪڙو آهي جڏهن ته ان جي علاج جي سهولت حاصل ڪرڻ لاءِ عورتن جو انگ مردن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.