ڀارتي فوج جي عورت آفيسر خودڪشي ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي فوج جي عورت ليفٽيننٽ ڪرنل خودڪشي ڪري ڇڏي.

ڀارتي ميڊيا موجب رياست مهاراشٽرا جي ضلعي پُوني ۾ 43 سالن جي ليفٽيننٽ ڪرنل پراسرار طور مئل حالت ۾ هٿ ڪئي وئي جنهن جي خودڪشي ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جو تعلق اترکنڊ سان هو ۽ اها ٽن مهينن جي ٽريننگ جي لاءِ جي پور آيل هئا.

ميڊيا موجب پوليس چيو آهي ته عورت ليفٽيننٽ جي شادي به ڪرنل سان ٿيل هئي ۽ سندس مڙس سان طلاق جا معاملا هلي رهيا هئا.

اهو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته گهريلو پريشانين سبب عورت خودڪشي ڪري ڇڏي آهي تنهن هوندي به واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

پوليس کي عورت وٽان خودڪشي جو ڪو به نوٽ ناهي مليو. پر ان وٽان سندس پيءُ جو هڪ پراڻو خط مليو آهي جيڪو پاڻ به رٽائر فوجي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.