حليم عادل الزام ثابت ڪري يا معافي گهري: سعيد غني جو عدالت ۾ بيان

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مقامي عدالت تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ طرفان ڪوڙا الزام لڳائڻ بابت درخواست تي صوبائي وزير سعيد غني جو بيان رڪارڊ ڪري ورتو.

خميس ڏينهن ڪراچي سٽي ڪورٽ ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ڏکڻ جي روبرو سعيد غني جي تحريڪ انصاف اڳواڻ حليم عادل شيخ خلاف ڪوڙا الزام لڳائڻ بابت درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

سعيد غني عدالت سامهون بيان رڪارڊ ڪرائيندي چيو ته مون تي حليم عادل بي بنياد الزام هنيا، تحريڪ انصاف اڳواڻ الزامن کان ثابت ڪري يا وري معافي گهري يا ڏنڊ ڀري.

عدالت بيان قلمبند ڪرڻ کانپوءِ درخواست تي ٻڌڻي 16 16آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته حليم عادل شيخ مون تي ڪوڙا الزام هنيا، مون کي پريس ڪانفرنس ۾ لينڊ مافيا چيو ويو، منهنجي لاءِ منشات فروش جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا، مان قانوني رستو اختيار ڪري عدالت سان رابطو ڪيو آهيان، مان نوٽيس موڪليو آهي پر جواب نه ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.