سراج دراني جي ڏکيائين ۾ واڌ، عدالت جو هڪ ٻيو اهم فيصلو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ اثاثن جي ڪيس کانپوءِ هڪ ٻئي ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايم پي اي هاسٽل جي اڏاوت ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

آغا سراج ۽ ان جو وڪيل شهاب سرڪي عدالت ۾ پيش نه ٿيو، شوڪت حيات ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته شهاب سرڪي ايڊووڪيٽ بار چونڊن ۾ ملوث آهي، جلد عدالت پهچي ويندو.

نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جاچ آفيسر عدالت ۾ موجود آهي، جوابدار کي پيش ٿيڻ گهرجي، جنهن تي جسٽس محمد اقبال چيو ته وڌيڪ ڪجهه انتظار ڪيون ٿا، شايد هو پيش ٿي وڃي.

مددگار وڪيل ٻڌايو ته گذريل ڏينهن عدالت ضمانت جي درخواست رد ڪئي، فيصلي خلاف سراج دراني کي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻو آهي، اڄ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وڃي.

جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙي چيو ته ڪالهه اسان ئي درخواست رد ڪئي، اڄ ڪيس ڪيئن ٿا ملتوي ڪري سگهون، جوابدار پيش ناهي ٿيو، ضمانت جي درخواست رد ٿا ڪيون، ڪو قانوني رليف ٺهي ها ته ضرور ڏيون ها.

عدالت مددگار وڪيل طرفان درخواست واپس وٺڻ تي سنڌ اسيمبلي اسپيڪر جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏيو.

واضح رهي ته آغا سراج دراني تي ايم پي اي هاسٽل جي اڏاوتي فنڊ ۾ خرد برد جو الزام آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.