چشمي کانسواءِ 3 ڊي مواد ڏيکاريندڙ انوکو ليپ ٽاپ تيار

مشهور ڪمپني ايسر گلاسز فري ٿري ڊي ٽيڪنالوجي تي ٻڌل پهريون ڪانسيپٽ ليپ ٽاپ متعارف ڪرائي ڇڏيو.

ڪانسيپٽ ڊي 7 اسپيٽل ليب ايڊيشن نالي ان ليپ ٽاپ جي تياري جو اعلان 2021ع جي شروعات ۾ ڪيو ويو هو.

اهو مختلف قسمن جي هارڊ ويئر ۽ سافٽ ويئر فيچرز تي ٻڌل آهي.

ان جي  فيچرز ۾ هڪ خاص اسٽيريو ڪيمرا آهي جنهن ۾ اهڙا 2 سينسرز موجود آهن جيڪي اوهان جي اکين ۽ مٿي کي ٽريڪ ڪن ٿا، هڪ آپٽيڪل لينس اکين جي سامهون 2 معمولي مختلف تصويرن کي پيش ڪري ٿو جڏهن ته رينڊرنگ سافٽ ويئر اوهان جي حرڪت سان گڏ ريئل ٽائيم ۾ ٿري ڊي اميجز کي ايڊجسٽ ڪري ٿو.

ڪمپني موجب واهپيدار ان ليپ ٽاپ تي ٿري ڊي پراجيڪٽس جهڙوڪ ٿر ي ڊي پرنٽنگ، آرڪيٽيڪچر يا اينيميشن کي ڏسي سگھندا.

یہ کانسیپٹ لیپ ٹاپ تھری ڈی مواد ڈسپلے کرسکتا ہے — فوٹو بشکریہ ایسر

ايسر طرفان ڪجهه ٽول جهڙوڪ اسپيٽل ليبز ماڊل ويورز به فراهم ڪيا ويندا ته جيئن مختلف ايپس سان ٿري ڊي فائلز کي امپورٽ ڪري سگھجي.

اهڙيءَ طرح ڊولپرز سان گڏجي به وڌيڪ ٽولز جي تياري تي ڪم ڪيو پيو وڃي.

ڪمپني طرفان هڪ اسپيٽل ليبز گو ايپ به فراهم ڪئي ويندي جيڪا 2 ڊي مواد جهڙوڪ وڊيوز، گيمز، ساديون گيمز ۽ ٻين کي اسٽيريو اسڪوپڪ ٿري ڊي ۾ تبديل ڪندي.

ليپ ٽاپ ۾ انٽيل ڪور آءِ 7 پراسيسر، 32 جي بي ڊي ڊي آر 4 ريم ( جنهن کي 64 جي بي تائين وڌائي سگھجي ٿو) ۽ 2 ٽي بي اسٽوريج جهڙا فيچرز موجود هوندا.

اهڙيءَ طرح 15.6 انچن جي ايل سي ڊي ڊسپلي ليپ ٽاپ جو حصو هوندي.

اهو ليپ ٽاپ يورپ، وچ اوڀر ۽ آفريقا ۾ ڊسمبر 2021ع ۾ 3599 يوروز (7 لک 13 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ وڪرو ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.