وزيراعظم کي چوندس ته ڊاڪٽر عبدالقدير جي نالي سان ادارو قائم ڪري: بابر اعواڻ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران جي صلاحڪار بابر اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم سان ڳالهائيندس ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي نالي سان ادارو قائم ڪري.

بابر اعواڻ راولپنڊي هاءِ ڪورٽ بار ۾ ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي ياد ۾ تعزيتي ريفرنس کي خطاب ۾ چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان محسن پاڪستان کانسواءِ مسلمان امت جو به محسن آهي، ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستان لاءِ جيڪو ڪيو اهو سندس پاڪستان سان عشق هو.

هن چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان کي ڏکيائين جي خبر هئي پوءِ پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻايو، محسن پاڪستان کي خدا جيڪا عزت ڏني اها رڳو ان جو ئي حق هو.

سندس چوڻ هو ته ڊاڪٽر عبدالقدير خان پاڪستانين کي سڪون سان سمهڻ جو موقعو فراهم ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.