برائون شگر ۽ اڇي کنڊ جا صحت تي پوندڙ اثر

عام طور تي چيو ويندو آهي ته برائون شگر اڇي کنڊ کان بهتر آهي ۽ برائون شگر جا صحت لاءِ فائدا اڇي کنڊ جي ڀيٽ ۾ به گهڻا آهن.

کنڊ ڪيترن ئي مرحلن مان نڪري تيار ٿيندي آهي ۽ ان ۾ ڪجهه ڪيميڪل به ملايا ويندا آهن پر ان جي ابتڙ برائون شگر شروعات ۾ ئي تيار ٿي ويندي آهي اهو سبب آهي جو اها صحت جي لاءِ بهتر سمجهي ويندي آهي.

برائون شگر چمڙي جي لاءِ ته بهتر ئي آهي پر اها وڏي عمر جو به سبب بڻبي آهي ۽ برائون شگر ڪمزور جسم کي طاقت فراهم ڪندي آهي.

اڇي کنڊ جي هڪ چمچي ۾ 48 ڪيلوريز هونديون آهن جڏهن ته برائون شگر ۾ 45 ڪيلوريز هونديون آهن.

برائون شگر ۾ آئرن، ڪيلشيم، پوٽاشيم، فاسفورس ۽ ميگنيشيم موجود هوندا آهن.

هڪ نارمل انسان به جيڪڏهن برائون شگر جو گهڻو استعمال ڪندو ته اها انجي لاءِ به نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.

برائون شگر جي گهڻي استعمال سان ڊيابطيس ٽو، دل جو عارضو، سوڄ ۽ ڪينسر به ٿي سگهي ٿي، انڪري برائون شگر هجي يا اڇي کنڊ انهن جو گهڻو استعمال ڪرڻ صحيح ناهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.