شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس: آصف زرداري جي آزادي واري درخواست رد

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي آزادي واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي جج  اضغر علي 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالتي حڪم تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو.

آصف علي زرداري جي وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته ڪيس ۾ قومي ناڻي کي نقصان رسائڻ جو ڪو الزام نه آهي، سندس اسير تي فرد جرم لاڳو نٿو ٿي سگھي، نيب ترميمي آرڊيننس کان پوءِ ڪيس نٿو ٺهي، نئين نيب آرڊيننس تحت آزادي جي درخواست داخل ڪئي آهي، پهريان ان تي فيصلو ڪيو وڃي، جيستائين درخواست تي فيصلو نٿو ٿئي فرد جرم لاڳو نٿو ٿي سگھي.

عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ نئين نيب آرڊيننس جي بنياد تي آصف علي زرداري جي آزادي واري درخواست رد ڪري ڇڏي، احتساب عدالت آصف علي زرداري کي 28 آڪٽوبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ ايندڙ ٻڌڻي تي طلب ڪري ورتو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.