چڙ ڏياريندڙ تقرير جي ڪيس ۾ محسن داوڙ ۽ ٻيا اشتهاري قرار

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت قومي اسيمبلي ميمبر علي وزير ۽ ٻين خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير بابت ڪيس ۾ محسن داوڙ سميت 4 جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو.

ڪراچي سينٽرل جيل ۾ دهشتگردي ٽوڙ ڪامپليڪس ۾ خاص عدالت جي روبرو قومي اسيمبلي جي ميمبر علي وزير ۽ ٻين جي خلاف چڙ ڏياريندڙ تقرير بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

عدالت محسن داوڙ سميت چئن جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو، مفرور قرار ڏنل جوابدارن ۾ محمد شفيع ۽ هدايت الله پشين به شامل آهن.

عدالت ۾ مفرور جوابدارن جي ڄاڻايل ۽ اڻ ڄاڻايل ملڪيت بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، چئني مفرور جوابدارن جي نالي سان ڪا به ملڪيت ناهي، رپورٽ مختيارڪار سب ڊويزن ڪراچي، بلديا ٽائون، ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ وزيرستان ۽ ڊپٽي ڪمشنر پشاور طرفان پيش ڪئي وئي.

پوليس موجب جوابدارن خلاف سهراب ڳوٺ ٿاڻي ۾ چڙ ڏياريندڙ تقرير جو ڪيس داخل آهي، ڪيس ۾ علي وزير گرفتار ۽ عدالتي رمانڊ تي جيل ۾ آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.