عورتن جون نازيبا وڊيِوز ۽ تصويرون جاري ڪندڙ هيڪر عورت گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي عورتن جو نازيبا وڊيوز ۽ تصويرون وائرل ڪندڙ هيڪر عورت کي گرفتار ڪري ورتو.

عورتن جو نازيبا وڊيوز ۽ تصويرون جاري ڪندڙ هيڪر عورت بليڪ ميلنگ ۾ مردن کي پوئتي ڇڏي ڏنو، پر ايف آءِ اي ملزمه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتا ڪيل هيڪر عورت بابت ايف آءِ اي جي جاچ ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن.

ايف آءِ آر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته حنا محمود نالي عورت هيڪر بلال شبير نالي هڪ شهري جي ”جي ميل“، سنيپ چيٽ، هاٽ ميل، اسڪائيپ ۽ انسٽاگرام جا اڪائونٽ هيڪ ڪيا، اڪائونٽ هيڪ ڪرڻ کان پوءِ ان تي عائشه ۽ حفظه نالي ڇوڪرين اعتراض جوڳيون تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪيون، واٽس ايپ جي ٻن نمبرن ذريعي به عورتن جون وڊيوز وائرل ڪيون ويون، ۽ عورت هيڪر پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ لاءِ وي پي اين جو به سهارو ورتو ته جيئن کيس ٽريس نه ڪري سگھجي.

ايف آءِ اي بلال شبير ۽ عائشا جي شڪايت تي موبائل ڊيٽا جي مدد سان چالاڪ ملزمه حنا محمود کي لوڪيٽ ڪري کيس گرفتار ڪري ورتو، ملزمه وٽان هٿ آيل موبائل ۾ اعتراض جوڳو مواد ۽ واٽس ايپ نمبر موجود آهن، جوابدار عورت جي موبائل تان وڊيوز وائرل ڪرڻ لاءِ بلال شبير جون مختلف آءِ ڊيز استعمال ٿي رهيون هيون، درخواستگذارن خلاف اعتراض جوڳو مواد به موبائل فون مان هٿ آيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.